اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شه??از شريف ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد (نشان حيدر) روڊ (اڳوڻي آءِ جي پي) روڊ جي نئين سر تعمير جي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظ?? جو خاص معاون احد چيما، قومي اسيمبلي ميمبر طاهره اورنگزيب، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، ملڪ ابرار، انجم عقيل خان، ملڪ شڪيل ا??واڻ ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن کانسواءِ سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ۽ ڪمشنر راولپنڊي لياقت چٺا ۽ ٻين لاڳاپيل ا??ارن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ان منصوبي بابت تفصيلي بري??نگ پڻ ڏني وئي. اڳوڻي آءِ جي پي روڊ جو نالو تبديل ڪري ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد رکيو ويو آهي. 9.8 ڪلوميٽر ڊگهو رستو فيض آباد کان پير وڌائي موڙ (پشاور موڙ راولپنڊي) تائين نئين سر تعمير ڪئي وئي آهي. ان منصوبي ۾ 2 اوور هيڊ برج ٺاهيا ويا آهن. منصوبو اڳوڻو حڪومت جي دور ۾ تعطل جو شڪار رهيو. موجوده حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ان تي ڪم تيز ڪري وزيراعظم ??حم?? شه??از شريف جي خصوصي هدايت تي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي. ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد روڊ جي تعمير سان فيض آباد کان پير وڌائي موڙ تائين ٽريفڪ جي وهڪري ۾ بهتري ايندي ۽ راولپنڊي اسلام آباد جي وچ ۾ شين ۽ سامان جي چرپر ۾ آساني ٿيندي. هيوي ٽريفڪ جي ڪري اڳ اهو روڊ ڪلاڪن تائين بلاڪ رهندو هو. ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان عوا?? جو پراڻو مسئلو حل ٿي ويو.