اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميرين سان يڪجهتي ۽ حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري کان گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد جو ??طا??بو ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام الحاق ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ رهندڙ ڪشميرين سان پنهنجي حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا. هي ڏينهن 1947ع ۾ سرينگر ۾ ٿيندڙ ڪنوينشن ۾ آل ڄمون ۽ ڪشمير مسلم ڪانفرنس پاران هڪ قرارداد جي من??وري جي ياد ڏياري ٿو جنهن ۾ ڪشمير کي پاڪستان سان ضم ڪرڻ جو ??طا??بو ڪيو ويو هو. هن چيو ته اسان ڪشميرين تي ڀارتي ظلم ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي شديد مذمت ڪريون ٿا ۽ گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کان ??طا??بو ڪريون ٿا ته اهي گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين. هن چيو ته ڪشمير تڪرار جي من??فاڻي ۽ پرامن ??ل کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ ڪڏهن به پائيدار امن حاصل نه ڪري سگهبو ۽ ان جي حقيقي ترقي جي صلاحيت مان موقعو نه کڻي سگهبو.