اسلام آباد – 19 – جول??ءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي پنهنجون توانائيون مثبت انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ راندين جي فروغ ۽ عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ يوٿ اسپورٽس انيشي ايٽو جي شروعات ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي آبادي جي ا??ثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي پر بدقسمتي سان نه رڳو مقامي پر عالمي راندين جي ل??ءِ سهولتن جي شديد کوٽ آهي، ان ڏس ۾ اسان ملڪ جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر ?? اسپورٽس انڊوومنٽ فنڊ قائم ڪيو آهي. ان کانسو??ءِ باصلاحيت ۽ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن جي حوصلا افزائي، عالمي مقابلن جي ل??ءِ راندين جي تربيت ۽ ٻين قدمن سان سڄي ملڪ ۾ راندين جو فروغ يقيني بڻايو ويندو. تاريخ گواهه آهي ته پاڪستان جي باصلاحيت نوجوانن کي جڏهن به موقعو ڏنو ويو انهن سڄي دنيا ۾ سبز هلالي جهنڊي کي پنهنجي بهتر ڪارڪردگي سان بلند ڪيو. مون کي اهو به ادراڪ آهي ته قدم ناڪافي آهن پر اها هڪ سٺي شروعات آهي، مون کي پوري اميد آهي ته ايندڙ حڪومت انهن قدمن جو تس??سل قائم رکندي.