اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن ۽ سندن خاندانن جي حب الوطني جي جذبي ۽ ايثار کي سلام پيش ڪ??دي قوم پاران شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪ??و آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن ج?? اظهار 12 جولاءِ تي زوب ڪينٽ بلوچستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪ??و ۽ انهن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. صدر حوالدار محمد عثمان، صوبيدار سڪندر ۽ نائب صوبيدار مصطفيٰ جي پون??ير?? سان تعزيت ج?? اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ گل حميد ۽ نائيڪ جاويد شهزاد جي گهرڀاتين سان به ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي محمد يوسف، فهيم ۽ مقصود جي وارثن سان به ٽيليفون تي افسوس ج?? اظهار ڪيو. صدر شهيدن جي فرض سان لگن ۽ وطن جي لاءِ قربانين جو پڻ اعتراف ڪيو. هن شهيدن جي بلند درجن جي لاءِ ۽ پون??ير?? جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.