اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جو افغانستان بابت خصوصي نم??ئندو آصف دراني هن وقت افغانستان جي دوري ??ي آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي خصوصي نم??ئندي جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس افغانستان جو پهريون س??ڪا??ي دورو آهي. هن چيو ته آصف دراني دوري ??وران افغانستان جي وقتي نائب وز??راعظم ملا عبدالڪبير، وقتي پرڏيهي وز??ر امير خان مت??ي، واپار واري وقتي وز??ر نورالدين عزيزي، صحت واري وقتي وز??ر ڊاڪٽر قلندر عباد ۽ اعليٰ تعليم واري وقتي وز??ر شيخ ندا سان ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن کي شامل ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان جي افعانستان بابت خصوصي نم??ئندي ملاقاتن ۾ علائقائي امن ۽ سلامتي جي گڏيل مضبوط هدفن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ افغانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته پاڪستان دلچسپي جي سمورن معاملن تي عبوري ??فغان حڪومت سان فعال طور تي ڳالهه ٻولهه جاري ??کندو.