اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ميڊيا جي ڪجهه ح??ن ۽ ڊان اخبار ۾ شايع ٿيندڙ رپورٽس ۽ قي??س آرائين جي ابتڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف اڃان تائين نگران وزيراعظم جي لاءِ ڪنهن اميدوار کي چونڊيو يا رد ناهي ڪيو، نگران وزيراعظم جي مقرري آئين ۾ طئي ٿيل طريقيڪار موجب ڪئي و??ندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف موزون ترين اميدوار جي لاءِ حڪومت ۾ شامل سمورين اتحادي پارٽين سان مشاورت ۽ مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف کان رهنمائي و??ندو. هن چيو ته اتحادين سان مشاورت کانپوءِ وزيراعظم ان معاملي تي آئين موجب فيصلي جي لاءِ مخالف ڌر اڳواڻ سان مشاورت ڪن??و.