ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه جي گڏيل حصيداري سان تيار ٿيندڙ ملجم ڪلاس جنگي سامونڊي جهاز پي اين ايس طارق پاڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ شامل ٿي ويو. ان موقعي تي ڪراچي شپ يارڊ ۾ منعقد خصوصي تقريب ۾ وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز شرڪت ڪئي. ترڪيه جو نائب صدر جودت يلماز تقريب جو خاص مه??ان هو. تقريب ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، وا??ار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ جي ??ور??ر ڪامران ٽيسوري، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل امجد نيازي سميت اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي نائب صدر سان گڏ پي اين ايس طارق جي لانچنگ ڪئي. پي اين ايس طارق ملجم ڪلاس ڪارويٽ جنگي جهاز انهن چئن سامونڊي جهازن ??ان هڪ آهي جيڪي ترڪيه سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي معاهدي تحت ترڪ ۽ پاڪستاني انجنيئرز گڏجي ٺاهي رهيا آهن. 2018ع ۾ پاڪ بحريه ۽ ترڪيه جي وچ ۾ 4 جنگي سامونڊي جهازن جي تياري جو معاهدو ٿيو هو. معاهدي تحت 2 جهاز ترڪيه ۽ 2 جهاز پاڪستان ۾ تيار ڪيا پيا وڃن. ان کان اڳ 3 جهازن جي لانچنگ ٿي چڪي آهي ۽ اهي مڪمل ٿيڻ جي مختلف مرحلن ۾ آهن. پي اين ايس طارق پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ ٻيو سامونڊي جنگي جهاز آهي. ان کان اڳ وزيرا??ظم کي جهاز جي تياري بابت بريفنگ ڏني وئي.