اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي، راندين جون سرگرميون نوجوانن کي مثبت طريقي سا?? پنهنجون توانائيون استعمال ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿيون، حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ تاريخي قدم کنيا، حڪومت پاڪستان ۾ اسپورٽس جي ترقي ۽ راندين جي فروغ لاءِ قومي پروگرام جي شروعات ڪئي، حڪومت اسلام آباد ۾ پاڪستان جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو، اولمپڪ وليج ??ومي منصوبو آهي، اولمپڪ ولي?? جي تعمير جي لاءِ ڪارپوريٽ اسٽرڪچر ٺاهيو وڃي ۽ ان جي تعمير جي نگراني ماهر ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ اولمپڪس ولي?? جي تعمير تي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي، ??نج?? عقيل، سي ڊي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ مارگلا جي دامن ۾ 1200 ڪينال تي اولمپڪس وليج تعمير ڪيو ويندو. اولمپڪس وليج ۾ عالمي معيار جي راندين جون سهولتون جن ۾ ڪرڪيٽ اڪيڊمي، عاليم ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، هاڪي گرائونڊ، ٽينٽ پيگنگ، ايٿليٽڪس اسٽيڊيم، ان ڊور اسپورٽس، انٽرنيشنل هوٽل ۽ پارڪنگ سا?? گڏوگڏ ٻيون سهولتون پڻ ڏنيون وينديون. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اولمپڪس ولي?? جي تعمير جي لاءِ 3 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. وزيراعظم اولمپڪس ولي?? جي تعمير ۾ شفافيت جي عنصر کي يقيني ب??ائڻ جي هدايت ڪئي.