اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستا?? ۽ ??رڪمانست??ن جي وچ ۾ واپار، توانائي، اقتصادي ۽ عوام جي سطح تي رابطن ۾ تعاون تي ڌيان ڏيڻ جي ضرور کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آه?? ۽ ??ميد آهي ته اهي لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ وڌندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ترڪمانست??ن جي سفير عطا جان مولاموف ملاقات ڪئي. سفير ترڪمانست??ن جي قيادت پاران نگران وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي کيس مبارڪباد ڏني. نگران وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات دوران نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ??نو ته پاڪستا?? ۽ ??رڪمانست??ن جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آه?? ۽ ??ميد ظاهر ڪئي ته اهي لاڳاپا وڌيڪ وڌندا. هن خاص طور تي واپار، توانائي، اقتصادي ۽ عوام جي سطح تي رابطن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. هن توانائي ۽ بجلي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ترڪمانست??ن جي سفير انهن مخصوص قدمن سان گڏوگڏ ٻطرفن لاڳاپن جي مج??وع?? دائري ۽ سگهه کي وڌائڻ جي لاءِ تعاون جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو.