اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري شفقت عباس جي وا??ده جي لاڏاڻي تي تعزيتي ريفرنس پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي ميڊيا سينٽر ۾ ٿيو. اطلاعات ?? نشريات واري وزارت، ذيلي ادارن جي آفيسرن ۽ ملازمن سميت سينيئر صحافين، ڪالم نگارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. تعزيتي ريفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن اطلاعات ?? نشريات واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري شفقت عباس جي وا??ده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته وا??ده جو لاڏاڻو هڪ وڏو صدمو آهي، والدين جو ئي واحد رشتو آهي جيڪو پنهنجي ٻارن جي ترقي، صحتمند زندگي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڏينهن رات دعائون ڏين ٿا. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان سڀ سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. مقررين چيو ته بزرگن جي ڇانوَ برڪت جو سبب هوندي آهي، وا??ده جو لاڏاڻو هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي ڇو ته ان جي زندگي سدائين اسان جي خواهشن کي پورو ڪرڻ ۾ گذري وڃي ٿي. وا??ده جي جدائي جي انتهائي ڏکويل موقعي تي صبر ڪرڻ ئي وقت جي گهرج آهي. ناليواري شاعر ۽ صحافي سيد رضا علي ڪاظمي پيغمبر خدا حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي شان ۾ نعت ??سول مقبول ﷺ ۽ ماءُ جي عظمت تي خوبصورت ڪلام پيش ڪيو. آخر ۾ حافظ طاهر خليل مرحومه جي ايصال ثواب، درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي خصوصي دعا ڪر??ئي.