تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراع??م انوارالحق ڪاڪڙ اقتصادي تعاون ت??ظي?? (اي سي او) جي 16 هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي علائقائي اڳواڻن سان گڏ گروپ فوٽو ڪ??را??و. ان کان اڳ نگران وزيراعظم جيئن ئي تاشنقد ڪنوينشن سينٽر پهتو ته ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سندس استقبال ڪيو. ڪانفرنس هال طرف وڌڻ کان اڳ اجلاس ۾ سمورن شريڪ اڳواڻن گروپ فوٽو ڪ??را??و. واضح رهي ته نگران وزيراع??م انوارالحق ڪاڪڙ، نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ واپار واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز سميت وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي دوري تي تاشقند پهتو آهي جتي هو اي سي او جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. اجلاس جي موقعي تي هو ت??ظي?? جي ويزن 2025ع ۽ واپار، ٽرانسپورٽ، گڏيل رابطي، توانائي، سياحت، اقتصادي ترقي ۽ پيداواري شعبن ۾ علائقائي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندو.