اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اتر وزيرستان ۾ پا?? فوج جي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. پا?? فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ رزمڪ، اتر وزيرستان ۾ پا?? فوج جي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ٻن جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ??هي. هن شهيد لانس نائيڪ احسان بادشاهه ۽ شهيد لانس نائيڪ ساجد حسين جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار، شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوارن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي ??هي. هن چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. پا?? فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. نگران وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر ??هي.