اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪ?? سان پنجاب جي نگر??ن وڏي وزير سيد محسن نقوي الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پنجاب جي نگر??ن وڏي وزير نگر??ن وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ ۾ معاشي استحڪام جي لاءِ کنيل حڪومتي قدمن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. نگر??ن وزيراعظم پنجاب جي نگر??ن وڏي وزير جي ان گهٽ مدي ۾ پنجاب جي هر شعبي خاص طور تي صحت، تعليم ۽ مواصلاتي ڍانچي جي ترقي جي لاءِ قدمن کي ساراهيو.