اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي صنعت ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، بهترين ٽيڪنالاجي رکندڙ جاپاني ڪمپنيون ان مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿيون، جاپاني ڪمپنين جي پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروباري سرگرمين کي سگهه ڏيڻ جي حوالي سان مسئلن ج?? حل لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جاپاني واپارين ۽ پاڪستاني حڪ??متي اهلڪارن جي تعاون سان هڪ هفتي جي دوران انهن مسئلن جو حل يقيني بڻايو ويندو. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ جاپاني ڪمپنين ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وفد جي جاپاني سفير ج?? قيادت ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ وفاقي ??زي?? ڄام ڪمال خان، محمد اورنگزيب، راڻا تنوير حسين، عبدالعليم خان، مملڪتي ??زي?? شزه فاطمه خواجه، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ??زي??اعظم چيو ته جاپان ۽ پاڪستان پراڻا دوست ملڪ آهن، جن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. وقت اچي ويو آهي ته ٻئي ملڪ مختلف شعبن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ فروغ ڏين. جاپاني صنعتڪارن ۽ واپارين کي درپيش سمورن مسئلن تي گڏجي ضابطو آڻينداسين. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي صنعت ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، بهترين ٽيڪنالاجي رکندڙ جاپاني ڪمپنيون ان مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿيون، جاپاني ڪمپنين جي پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروباري سرگرمين کي سگهه ڏيڻ جي حوالي سان مسئلن ج?? حل لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جاپاني واپارين ۽ پاڪستاني حڪ??مت اهلڪارن جي تعاون سان هڪ هفتي دوران انهن مسئلن جو حل يقيني بڻايو ويندو. ملاقات ۾ جاپاني وفد ??زي??اعظم ج?? قيادت ۾ حڪ??مت جي پاڪستان ۾ ڪاروبار دوست پاليسين ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. جاپاني سفير ??زي??اعظم کي هلندڙ سال جولاءِ ۾ 20 رڪني ناليوارين جاپاني ڪمپنين جي وفد جي پاڪستان اچڻ بابت آگاهه ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار جي فروغ جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. جاپاني وفد ان اميد جو اظهار ڪيو ته ??زي??اعظم محمد شهباز شريف جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي اضافي تي خاص ڌيان ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيندو ۽ ملڪي روانگي واپار وڌندو. وفد ??زي??اعظم کي آگاهه ڪيو ته جاپاني ڪمپنين پاڪستان ۾ هاءِ برڊ گاڏين جي مقامي سطح تي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. ??زي??اعظم ان قدم کي خوش آئنده قرار ڏنو. مختلف ڪمپنين جي نمائندن ??زي??اعظم کي پاڪستان ۾ جاري پنهنجي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو ۽ اجلاس کي ٻڌايو ته جاپاني ڪمپنيون ويليو ايڊيشن کانپوءِ پاڪستان مان ٻين ملڪن ۾ پڻ برآمدات ڪري رهيون آهن.