شينزن – 05 – جون (اي پي پي) چيني ??مپ??ي ٽرانشيئن هولڊنگ پاڪستان ۾ پنهنجي موبائيل ٺاهڻ جي يونٽ ۾ سيڙپڪاري ۾ سگهه ۽ چئن شعبن موبائيل فونز جي تياري، اليڪٽرڪ بائيڪس، جديد زراعت ۽ فِن ٽيڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت غيرملڪي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي، ٽرانشيئن هولڊنگز پاڪستان ۾ مقامي سطح تي شيون تيار ڪري انهن کي پاڪستان مان ٻاهرئين ملڪ برآمدات ڪري. هن اهڙن خيالن جو اظهار چيني ??مپ??ي ٽرانشيئن هولڊنگز جي باني ۽ چيئرمين زو زائو جيانگ ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجه ??حمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عبدالعليم خان، ڄام ڪمال خان، عطاءُ الله تارڙ ۽ مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ??ڻ موجود هئا. وزيراعظم وفاقي وزيرن ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير کي ٽرانشيئن هولڊنگز ??ان گڏجي جلد هڪ حڪمت ع??لي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان وٽ هر قسم جا وسيلا آهن، ا??ان جي سڀ کان وڏي طاقت ا??ان جي نوجوان افرادي قوت آهي. ملاقات ۾ ترانشيئن هولڊنگز جي چيئرمين وزيراعظم کي ??مپ??ي جي پاڪستان ۾ موجوده آپريشنز، عالمي سطح تي ان جي برآمدات ۽ پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي منصوبن کان آگاهه ڪيو. چيئرمين ترانشيئن هولڊنگز وزيراعظم کي ٻڌايو ته ??مپ??ي جو پاڪستان ۾ موبائيل فونز جي تياري جي حوالي ??ان اڳ ۾ ئي هڪ يونٽ قائم آهي جنهن ۾ 5 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين کي روزگار فراهم ڪيو ويو آهي. ??مپ??ي پاڪستان ۾ موبائيل فونز جي حوالي ??ان پنهنجي سيڙپڪاري ۾ سگهه ۾ گهري دلچسپي رکي ٿي جنهن ??ان موبائيل فونز جي تياري کانپوءِ پاڪستان مان انهن جي برآمدات ۾ اضافو ٿيندو.