اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) پرڏ??هي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ??هي ته آذربائيجان جي پرڏ??هي وزير جيهون بيراموف جي دوري پاڪستان ڌرين کي ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال جو جامع جائزو وٺڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جو ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته آذربائيجان جي پرڏ??هي وزير جي دوري دوران ٻنهي ڌرين ٻطرفي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي ۽ دفاع، تعليم، ڪلائميٽ ايڪشن ۽ علائقائي رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون جي دائري کي وسيع ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ پارلياماني مٽاسٽا کي وڌائڻ، ثقافتي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ عوام سا?? عوام جنهن ۾ شاگرد، تعليمي ادارا ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ کي فر??غ ڏيڻ جي ضرورت تي به اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آذربائيجان جي پرڏ??هي وزير بيراموف ??هڻ رخي فورمز تي ٻطرفي تعاون ۽ غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال سميت علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آذربائيجان جي پرڏ??هي وزير جيهون بيراموف پاڪستان جي دوري دوران اسلام آباد ۾ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سا?? ملاقات ڪئي ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير محمد اسحاق ڊار سا?? تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.