گڏيل قومون-12 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش غزه جي پٽي ۾ طبي سا??ان?? خوراڪ، ٻارڻ ۽ ٻي امداد پهچائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته امدادي ڪارڪنن جي علائقي ۾ پهچ يقيني بڻائڻ گهرجي. ترڪيه جي خابرو اداري موجب هن چيو ته گڏيل قومون غزه ۾ امداد جي فر??هم?? لاءِ ??نه??جون ڪوششون جاري رکندو. هن تڪرار جي سمورن ڌر??ن کي چيو ته هو غزه جي پٽي ۾ بي يارو مددگار فلسطين??ن کي هنگامي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن سان تعاون ڪن. هن عالمي برادري کي ان ڪوشش لاءِ فوري طور تي امداد گڏ ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي، انتونيوگوتريش چيو ته هو پاڻ ۽ وچ اوڀر امن عمل لاءِ گڏيل قومن جي رابطه ڪار ۽ خطي جي اڳواڻن سان رابطي ۾ آهي ته جيئن ڇڪتاڻ کي خطي ۾ وڏي پئماني تي ??کڙجڻ کان روڪي سگهجي. هن چيو ته کيس فلسطينين جي جائز شڪايتن ۽ اسرائيل جي ??نه??جي سلامتي جي حوالي سان خدشن جو احساس آهي تنهن هوندي به ڌريون شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائين ۽ رتوڇاڻ، نفرت ۽ ويڇي جو خاتمو ڪن. هن اسرائيل طرفان غزه تي ??ضائي بمباري ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 1200 کان وڌيڪ فلسطينين جي موت ۽ 5 هزار کان وڌيڪ جي زخمي ٿيڻ جي اطلاعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري جنرل تڪراري ڌر??ن کي اهڙن قدمن کان پاسو ڪرڻ جو چيو جتان واپسي نه ٿي سگهي ۽ جنهن سان انتهاپسند مضبوط ٿين ۽ پائيدار امن کي حاصل ڪرڻ جا امڪان ختم ٿيڻ جو خدشو آهي.