اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته ڪرونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال هڪ آزمائش آهي، اسان جي قوم گڏجي ان جو مق??بلو ڪندي ۽ هڪ عظيم قوم بڻجي اڀرندي، ملڪ جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جو خصوصي خيال رکڻو پوندو، ان مق??د لاءِ ڪرونا رليف فنڊ ۽ ٽائيگر فورس جو ڪردار گهڻو اهم آهي، عوام ڊسيپلين قائم ڪري ۽ يقين رکي ته انهن جو پئسو ضايع نه ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي آر واءِ نيٽ ورڪ طرفان وزير??عظ?? کي ڪرونا رليف فنڊ جي حوالي سان ٽيلي ٿون ٽرانسميشن جي دوران ڪيو. وزير??عظ?? چيو ته ڪرونا وائرس سبب پوري دنيا ۾ غير معمولي صورتحال پيدا ٿي آهي اهو ڏکيو وقت ضرورت آهي پر مون کي يقين آهي ته اسان جي قوم ان آزمائش مان هڪ عظيم قومي ??ڻجي اڀرندي. هن چيو ته ڪا به جنگ حڪومت اڪيلي سر نٿي کٽي سگهي، ان جي لاءِ پوري قوم جو گڏ هجڻ لازمي ??هي ۽ ڪرونا وائرس جي خلاف جنگ به قوم متحد ٿي وڙهندي. ان مق??د لاءِ اسان سڀني کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.