اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گرين پاڪستان پروگرام تحت ملڪ ۾ ”پروٽيڪٽڊ ايريا انيشيٽو“ شر??ع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هن اها منظوري وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت صلاحڪار مل?? امين اسلم سان ملاقات جي موقعي تي ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب اها ملاقات گذريل مهيني وزيراعظم طرفان منظور ڪيل ان پيڪيج جي تسلسل ۾ هئي جنهن ۾ ڪووڊ 19 سبب بيروزگاري کي منهن ڏيندڙ 65 هزار نوجوانن، ڏهاڙيدارن جي سڄي ملڪ ۾ وڻڪاري ۾ خدمتون حاصل ??رڻ شامل آهي.