اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيرا??ظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته وزيرا??ظم جي ڪورونا رليف فنڊ تحت ملندڙ درخواستن جي تناسب سان احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام ۾ سنڌ جو حصو 22.45 سيڪڙو مان وڌائي 31 سيڪڙو ڪيو و??و آهي، سياست کان مٿانهون ٿي ڪري ان حڪومتي قدم سان سنڌ جي لاءِ هاڻي 60 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن جنهن سان سڄي صو??ي ۾ 50 لک کان وڌيڪ مستحق خاندان احساس امداد حاصل ڪري سگهندا، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته گذريل ڏينهن وزيرا??ظم سنڌ صو??ي جي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ قائم احساس ايمرجنسي ڪيش ادائيگي مرڪز ??و دورو ڪيو، انتظامن جو جائزو ورتو ۽ امدادي رقم جي وصولي لاءِ ايندڙ اهل پورهيتن سان ملاقات ڪئي