اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آبادي ۾ تمام گهڻي اضافي س??ن اسان جي معيشت جي ترقي ۽ دستياب وسيلن تي دٻاءُ وڌندو، ان بدقسمتي س??ن اسان جي قوم غربت، ڄم جي خراب صورتحال، غذائي کوٽ جي نه ختم ٿيندڙ سلسلي کي منهن ڏيندي، ميڊيا ۽ عالم سڳورن کي ان ح??الي س??ن آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادي جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي ٽوئيٽس ۾ ڪيو. صدر چيو ته آبادي ۾ تمام گهڻي اضافي س??ن اسان جي معيشت جي ترقي ۽ دستياب وسيلن تي دٻاءُ وڌندو. ان بدقسمتي س??ن اسان جي قوم غربت، ڄم جي خراب جي صورتحال، غذائي کوٽ جي نه ختم ٿيندڙ سلسلي کي منهن ڏيندي. هن چيو ته اسان کي 24 کان 36 مهينن جي ٻار کي ماءُ جو کير پيارڻ کي فروغ ڏيڻ گهرجي. اهو قدرتي عمل به آهي ۽ ق??آن پاڪ مطابق به آهي. ان عرصي دوران ماءُ خوراڪ جي کوٽ شڪار نه ٿيندي ۽ ٻار جي واڌويجهه به متاثر نه ٿيندي، ان ح??الي س??ن عالم سڳورن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وزيراعظم ان کي قومي هنگامي صورتحال قرار ڏئي مون کي پاپوليشن ٽاسڪ فورس جو سربراهه بڻايو.