اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ مسلسل گه??تائي اچي رهي آهي، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي عوام کي ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ ضابطه ڪار تي سختي سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي ايس او پيز تي عملدرآمد جاري رکيو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عيدالاضحيٰ سادگي سان ملهائي وڃي، ائين نه ٿ??ي جو جهڙي طرح گذر??ل عيد ۾ ايس او پيز کي ن??ر انداز ڪيو ويو ۽ اسان جا اسپتال ڪورونا مريضن سان ڀرجي ويا، هن حڪومت طرفان طئي ڪيل ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاڪستان خوش قسمتي سان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي ڪورونا جي مريضن جي موت جي شرح ۾ گه??تائي آئي آهي، انتهائي نگهداشت ۽ وينٽي ليٽرز تي به مريضن جي تعداد ۾ گه??تائي آئي آهي جڏهن ته بدقسمتي سان اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ اها شر?? تمام گهڻي آهي.