اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏه?? ڪشميري شهيدن جو خون رنگ لائيندو ۽ ڪشمير جو پاڪستان سان الحاق ٿيندو. ڪشمير جي پاڪستان سان الحاق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام ۾ هن چيو ته 19 جولاءِ 1947ع تي پاڪستان سا?? ڪشمير جي الحاق جي قرارداد منظور ڪئي ??ئي. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ان عز?? جو ور??اء?? آهي ته ڪشميري ڀارت جي غاصباڻي قبضي کان آزادي ۽ پاڪستان سان الحاق جي لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏه?? ڪشميري شهيدن جو خون رنگ لائيندو ۽ ڪشمير جو پاڪستان سان الحاق ٿيندو، ڀارت ڪشمير تي غاصباڻو قبضو ڪري رکيو آهي ۽ ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي. پاڪستا?? ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي خلاف هر عالمي فورم تي آواز اٿاري رهيو آهي.