اطلاعات واري وفاقي وزير سان آمريڪي سفارتخاني جي ناظم الامور جي ملاقات

image
APP51-15 ISLAMABAD: October 15 - US Charge D’affaires, Ms. Angela Aggeler calls on Senator Shibli Faraz, Federal Minister for Information and Broadcasting. APP

اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان آمريڪي سفارتخاني جي ناظم الامور انجيلا ايجلر ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ان موقعي تي چيو ته آمريڪي ڪمپنين جو پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا، پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. آمريڪي ناظم الامور ڪووڊ -19 چئلينج سان موثر انداز ۾ سرخرو ٿيڻ تي پاڪستان جي واکاڻ ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ايس او پيز ۽ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد جي لاءِ مهم جاري رکي آهي ته جئين وبا جي پکيڙ کي بچي سگهجي. وزيراعظم عمران خان جو روزگار سان گڏوگڏ انساني زندگي جي تحفظ جو ويزن ڪووڊ – 19 چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو، ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڪورونا وبا جي دوران جتي گڏيل رابطن ۽ اطلاعات جي پهچ جو طريقيڪار متاثر ٿيو اتي ڊجيٽل ڪميونيڪيشن کي فروغ حاصل ٿيو، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڊجيٽل اطلاعاتي نظام تعليم جي فراهمي ۾ مددگار ثابت ٿيو ۽ ان سان گڏ ڪاروباري سرگرميون ۽ روز مره جا معاملا جاري رکڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيو.

مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں