اسلام آباد – 23 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وب?? جي ڦهلاءُ کي ر??ڪڻ ۽ عام ماڻهن جي زندگ??ن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڪورونا جي پهرين مرحلي ۾ قابل تقليد حڪمت عملي ۽ وقت سر فيصلن سان وب?? تي ضابطو آندو جنهن کي دنيا ساراهي رهي آهي، هاڻي اسان کي ٻئي مرحلي ۾ به سنجيدگي، توازن ۽ احتياط جو دامن هرگز نه ڇڏڻ گهرجي. هو ملڪي سطح تي ڪورونا جي مجموعي صورتحال جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.