اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) چين ج?? صدر شي جن پنگ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي 2021ع ج?? ڪامياب ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد پيش ڪندي ماحوليات جي شعبي جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب ۾ پاڪستان ۾ چين جي سفير صدر شي جن پنگ جو پيغام پڙهي ٻڌايو. وزيراعظم عمران خان، پارليامينٽ جا ميمبر، غير ملڪي سفارت??ار?? ماحوليات جا ماهر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. چين?? صدر ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي پاڪستان جي ميزباني ۾ ڪامياب انعقاد ۽ گڏيل قومن جي ڏهاڪي ايڪو سسٽم 2021ع کان 2030ع ج?? آغاز کي سارهيو. هن چيو ته تهذيبن جي خوشحالي لاءِ ??در??ي ماحول سان گڏ پائيدار تعلق هموار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان حوالي سان عالمي برادري کي ذميداراڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.