اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي امتحان ۾ شر??ت جي اجازت نه ڏيڻ تي نجي ڪاليج جي هڪ ميڊيڪل جي شاگرد جي شڪايت تي چيو آهي ته متاثره ڌر پاڪستان ميڊيڪل جي شاگرد جي شڪايت تي چيو آهي ته متاثر ڌر پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جي لاڳاپيل شق تحت ڪيس داخل ڪري، جنهن تحت يونيورسٽين کي اختيار حاصل آهي ته اهي شاگردن کي امتحان ۾ شر??ت جا وڌيڪ موقعا ڏئي س??هن ٿيون. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سربلند خان صدر کي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل ڪئي هئي جنهن ۾ و??اقي محتسب محمد ميڊيڪل ڪاليج ميرپورخاص جي فيصلي کي برقرار رکيو ويو هو. درخواستگذار واضح ڪيو ته هو ٻئي سال جي بائيو ڪيمسٽري جي امتحان ۾ ٻه ڀيرا فيل ٿيو هو ۽ رول تحت امتحان پاس ڪرڻ جي لاءِ وٽس چار موقعا هئا جڏهن ته هو امتحان ۾ شر??ت جي ٽئين ۽ چوٿين موقعي مان فائدو نه کڻي س??هيو ڇو ته ميڊيڪل ڪاليج کيس وقت سر اطلاع نه ڏني ۽ شاگرد جي ڪاليج ۾ داخلا تي پڻ پابندي هنئي وئي. سربلند خان صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي اپيل ڪندي گذارش ڪئي ته جيڪڏهن ان کي امتحان ۾ شر??ت جو موقعو نه ٿو ڏنو وڃي ته پوءِ لاڳاپيل ميڊيڪل ڪاليج کي هدايت ڪئي وڃي ته ان کي 15 لک رپيا جمع ڪرايل فيس گڏ 7 سالا منافعي جي رقم سان گڏ واپس ڪئي وڃي. شڪايت ڪندڙ اها به درخواست ڪئي ته ان جي بائيو ڪيمسٽري جي پيپر جي ري چيڪنگ جو پڻ حڪم ڏنو وڃي ڇو ته هو رڳو هڪ نمبر گهٽ هجڻ جي ڪري فيل قرار ڏنو ويو آهي. وفاقي محتسب پنهنجي آرڊر ۾ چيو هو ته ميڊيڪل ڪاليج جي حوالي سان ڪا بدانتظامي ظاهر نه ٿي ٿئي ۽ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) جي 24 سيپٽمبر 2020ع جي ايڪٽ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ شاگرد امتحان ۾ چار ڀيرا شر??ت جي موقعي مان فائدو نه ٿو کڻي س??هي ڇو ته ان حوالي سان قانون ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سربلند خان جي اپيل تي پنهنجي فيصلي ۾ پي ايم ڊي سي جي ريگيوليشنز 2021ع جو حوالو ڏيندي واضح ڪيو ته ان حوالي سان لاڳاپيل يونيورسٽي شاگرد کي امتحان ۾ شر??ت جي اجازت ڏئي س??هي ٿي ۽ امتحان ۾ ڪنهن شاگرد جي شر??ت جي موقعي جي فيصلي جو اختيار لاڳاپيل يونيورسٽي وٽ آهي ۽ ان حوالي سان شاگرد کان ڪا اضافي فيس طلب نه ٿي ڪري س??هجي. هن لاڳاپيل تعليمي سالن جي لاءِ ادا ڪيل فيسن جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جي چيپٽر IV جو حوالو ڏيندي واضح ڪيو ته فيل ٿيل امتحان ۾ ٻيهر شر??ت جي موقعي بابت ريگيوليشنز ۾ لکيل آهي ته هر يونيورسٽي فيل ٿيندڙ شاگرد جي امتحان ۾ شر??ت جي حوالي سان پنهنجا قانون پاڻ جوڙيندي ۽ اهڙي قسم جي ريگيوليشنز کي مشتهر ڪيو ويندو ته جيئن هر شاگرد جي انهن قانونن تائين پهچ کي يقيني بڻائي س??هجي. صدر چيو ته وفاقي محتسب پاران پاس ڪيل آرڊر ۾ ڪنهن به قسم جي خامي نه آهي جڏهن ته اپيل ڪندڙ جيڪڏهن چاهي ته هو پي ايم ڊي سي جي لاڳاپيل قانون مان فائدو کڻي س??هي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن اپيل ڪندڙ چاهي ته پنهنجي شڪايت جي ازالي لاءِ لاڳاپيل فورم تي رابطو ڪري موجوده قانون مان فائدو کڻي س??هي ٿو. ان حڪم تحت صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيڪل ڪاليج جي شاگرد سربلند خان جي اپيل کي اڪلائي ڇڏيو.