اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئر??ين محمد صادق سنجراڻي وزيراعظم جي پلانٽ فار پاڪستان وڻڪاري مهم تحت پارليامينٽ لاجز ۾ ٻو??و لڳايو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي سينيٽ چيئر??ين چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي صورت ۾ تمام وڏو چئلينج درپيش آهي، وڌيڪ وڻ هڻي اسان موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گ??ٽ ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته ماحول دوست قدم اسان جي ترجيحن ۾ شامل هجڻ گهرجن، ماحول دوست روين جي فروغ لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي تبديلين جي اثرن کي ڀرپور وڻڪاري ۽ ماحول دوست قدمن سان کي گ??ٽ ڪري سگهجي ٿو. سينيٽ چيئر??ين چيو ته عوام وزيراعظم عمر??ن خان جي ڪلين اينڊ گرين پاڪستان مهم ۾ حصو وٺي وڻ هڻي ۽ ماحول دوست رويو اختيار ڪري. هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گ??ٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر قانونسازي جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪاربن جو خارج گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ هائوس شمسي توانائي سان بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪري رهيو آهي. سينيٽ چيئر??ين چيو ته هڪ اندازي موجب هن وقت پاڪستان جي رڳو 5.7 سيڪڙو ز??ين ٻيلن تي ٻڌل آهي جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، وڻ لڳائڻ سان نه رڳو اسان جو ماحول خوبصورت ٿيندو پر وڻ آڪسيجن جو اهم ذريعو به آهن. صادق سنجراڻي چيو ته تعليمي ۽ سما??ي ڌرين سميت قومي وڻڪاري مهم ۾ انفرادي طور تي هر هڪ کي حصو وجهڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان کي سرسبز شاداب بڻائي سگهجي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران 2 سيپٽمبر 2018ع تي 10 بلين ٽري سونامي مهم شروع ڪئي، پلانٽ فار پاڪستان 5 سالا منصوبي ۾ 2023ع تائين 10 بلين وڻ لڳائڻ جو هدف آهي.