راولپنڊي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سان آمريڪي سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي (سي آءِ اي) جي ڊائريڪٽر وليم جوزف برنز ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، علائ??ائ?? سلامتي ۽ افغانستا?? جي موجوده صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مطابق ملاقات ۾ ان ڳالهه جو عزم ڪيو ويو ته پاڪستان پنهنجي عالمي شراڪتدارن سان خطي ۾ ??من ۽ افغان عوام جي مستحڪم ۽ خوشحال مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي. آمريڪي عهديدار ان موقعي تي افغانستا?? جي صورتحال بشمول ڪامياب پرڏيهي?? جي واپسيءَ وارو آپريشن ۽ علائ??ائ?? استحڪام جي ڪوششن ۾ پاڪستا?? جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. هن هر سطح ت?? پاڪستان سان سفارتي سهڪار ۾ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.