اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خطي جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ پا??ست??ن ڪووڊ – 19 جو مقابلو ڪرڻ ۾ غير معمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، ان عرصي ۾ برآمدات ۾ 25 سيڪڙو، ٽيڪس روينيو ۾ 38 سيڪڙو، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 27 سيڪڙو اضافو ٿيو، زرعي شعبي ۾ رڪارڊ آمدني ٿي، ص??عت?? شعبي جو منافعو 950 ارب روپين جي رڪارڊ سطح تائين پهچي ويو، حڪومت جي سمارڊ لاڪ ڊائون جي پاليسي، تعميراتي ص??عت?? لاءِ مراعتون، سماجي تح??ظ جي پروگرام، ص??عت??، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي لاءِ سبسڊي معيشت کي مستحڪم رفتار سان اڳتي وڌايو جنهن جي عالمي سطح تي مبصرين واکاڻ ڪئي.
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اطهار هن پنهنجي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ ميڪرو اڪنامڪ ايڊوائيزري گروپ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، حماد اظهر، فواد چوڌري، اسد عمر، مخدوم خسرو بختيار، سيد فخر امام، مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئ??ڪ جي گورنر رضا باقر ۽ لاڳاپيل سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي م??اش?? صورتحال، عام ماڻهو تي ضروري شين جي قيمتن ۾ اضافي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ حڪومتي قدمن ۽ گذريل 3 سالن ۾ م??اش?? سطح تي حڪومتي ڪاميابين جو جامع جائزو پيش ڪيو ويو.
وزيراعظم چيو ته خطي جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ پا??ست??ن ڪوڊ – 19 جو مقابلو ڪرڻ ۾ غير معمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. حڪومت جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسين، تعيمراتي صنعت جي لاءِ مراعتن، سماجي تح??ظ جي پروگرام، ص??عت??، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن جي لاءِ سبسڊي معيشت کي مستحڪم رفتار سان اڳتي وڌايو جنهن جي عالمي سطح تي مبصرين واکاڻ ڪئي. هن چيو ته حڪومت جا ٽي سال م??اش?? ڪاميابي جي ڪهاڻي آهن، ڇو ته اسان کي تمام وڏو گردشي قرض، برآمد مخالف پالييسيون، غير مستحڪم مالي حالتون، گهٽ چٽاڀيٽي ڪاروباري ماحول ۽ نجي شعبي جي لاءِ مراعتن جي کوٽ جون پاليسيون ورثي ۾ مليون آهن، 2018ع ۾ پا??ست??ن جي تاريخ ۾ ادائيگين جي بدترين توازن جي بحران، ڪووڊ – 19 جي وبا جي ڪري م??اش?? مشڪلاتن، عالمي منڊي ۾ جنسن جي وڏين قيمتن ۽ افغانستان ۾ انساني بحران جا پا??ست??ن تي سڌو ۽ اڻ سڌو اثرن جي باوجود، واڌ جي شرح به 4 سيڪڙو کان وڌيڪ رهڻ جي اميد آهي، جيڪا هڪ تمام وڏي ڪاميابي آهي.
اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل حڪومت جيڪو مالي بحران ورثي ۾ڇڏيو ان مان ڪاميابي سان نڪرڻ کانپوءِ م??اش?? استحڪام جا مضبوط قدم کنيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي دوران به سمورن علائقائي ملڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ م??اش?? ترقي ٿي. روانگي واپار ۾ 25 سيڪڙو جو اضافو، ٽيڪس روينيو 38 سيڪڙو اضافي کانپوءِ بلند ترين سطح تي رڪارڊ ڪيو ويو ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ به 27 سيڪڙو اضافو ٿيو، زرعي شعبي ۾ رڪارڊ آمدني (آبادگارن کي 1100 ملين جي اضافي آمدني جي منتقلي) ص??عت?? شعبي جو 950 بلين روپين جو رڪارڊ بلند منافعو، حڪومت جي آءِ ٽي پاليسي جي ڪري آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي، آءِ پي پيز سان ٽيرف جي ڪامياب مذاڪرات کانپوءِ ماهوار گردشي قرضن ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي، مٿي ڏنل کانسواءِ حڪومت احساس تهت سماجي تح??ظ جو سڀ کان وڏو پروگرام شروع ڪري فلاحي رياست جو پنهنجو واعدو پورو ڪيو، اداره جاتي سڌارن کي لاڳو ڪيو ۽ ايف اي ٽي ايف جي شرطن جي ڪاميابي سان تعميل ڪئي جنهن اسان کي بليڪ لسٽ ۾ وڃڻ کان بچائي ورتو،
اجلاس ۾ شين جي بلند عالمي قيمتن جي اثرن کي عام ماڻهن تائين منتقلي روڪڻ لاءِ تجويزون به پيش ڪيون ويون. تجويزن ۾ آمدني ۾ اضافو، ماڻهن جي خريداري جي سگهه، وچولي ۽ گهٽ آمدني واري طبقي تي ڌيان ڏيندڙ سبسڊيز ۽ سماجي تح??ظ جي پروگرامن ۾ توسيع شامل آهي، وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته هو ملڪ جي ميڪرو اڪنامڪ حالت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ ماڻهن جي م??اش?? حالت ۾ بهتري لاءِ ڊگهي مدي ۽ وچولي مدي وارن منصوبن تي عملدرآمد يقيني بڻائين.