اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئر??ين محمد صادق سنجراڻي مرحوم عبدالستار ايڌي جي گهرواريءَ بلقيس ايڌي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئر??ين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ?? گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي. سينيٽ چيئر??ين چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ مرحومه جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اطهار ڪريان ٿو، مرحومه بلقيس ايڌي جي سماجي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. ٻئي طرف سينيٽ جي ڊپٽي چيئر??ين مرزا محمد آفريدي پڻ بلقيس بانو ايڌي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.