اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف نئين چونڊيل اسپيڪر راجا پرويز اشرف کي سمورن اڳواڻن ۽ ايوان پاران دلي ??بارڪباد ڏني آهي. اسپيڪر جي حلف برداري کانپوءِ هن چيو ته پوري ايوان توهان کي منصب اعليٰ تي فائز ڪرايو آهي، توهان هڪ سينيئر پارليامينٽرين آهيو ۽ ??زي??اعظم جي ع??دي تي رهيا آهيو. هن چيو ته مون بطور خادم اعليٰ پنجاب توهان سان گڏ ڪم ڪيو آهي. توهان کي الله تعاليٰ ڀرپور صلاحيتن سان نوازيو آهي ۽ اميد آهي ته ان عهدي تي ويهي پنهنجي فرضن کي ڀرپور طريقي سان سرانجام ڏيندا ۽ پوري ايوان کي گڏ کڻي هلندا. آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ پارليامينٽ جي بالادستي کي يقيني بڻائينداسين ۽ تاريخ ۾ پنهنجو نالو ڪمائيندا. اسان سڀني جون دعائون توهان سان گڏ آهن.