اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) دادو ضلعي جي ڳوٺ فيض محمد درياني چانڊيو ۾ باهه جي مت??ثرين ۾ امدادي چيڪس ورهايا آهن. اين ڊي ايم اي پاران جاري پڌرائي موجب 18 اپريل 2022ع سومر جي رات دادو ضلعي جي ڳوٺ ۾ تيز هوا??ن جي ڪري پيش آيل افسوسناڪ باهه جي واقعي ۾ 8 ماڻهو فوت، 3 زخمي جڏهن ته 75 خاندان مت??ثر ٿيا هئا. باهه جي مت??ثرين جي امداد لاءِ و??ير??عظم پاران فوت ٿيندڙن جي پونيئرن سان گڏوگڏ زخمين ۽ ٻين مت??ثر خاندانن جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جي پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو هو. واضح رهي ته ڄاڻايل چيڪس اين ڊي ايم اي پي ڊي ايم اي سنڌ ۽ ضلعي انتظاميا دادو جي معاونت سان مت??ثر خاندانن ۾ ورهايا آهن.