اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڪئناڊا سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي، ريڪوڊڪ منصوبي سان روزگار جا ??وقعا ۽ خاص طور تي بلوچستان جي عوام جي لاءِ اقتصادي موقعا پيدا ٿيندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر وينڊي گلور سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان هتي ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ دوستي ۽ خيرسگالي تي ٻڌل ڊگهي مدي واري حصيداري تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪئناڊا جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جو فائدو کڻي سگهن ٿيون. هن چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي سان روزگار جا ??وقعا پيدا ٿيندا ۽ خاص طور تي بلوچستان جي عوام جي لاءِ اقتصادي موقعا پيدا ٿيندا. هن اميد ظاهر ڪئي ته ميرڪ گولڊ جلد منصوبي تي ڪم شروع ڪندي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ضروري آهي، عالمي برادري کي افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي بحران کان بچڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. يوڪ??ين جي معاملي تي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تي عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف کي ورجائيندي وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها سفارتڪاري ۽ ڳالهين ذريعي ان مسئلي جي پرامن ح?? جي لاءِ قدم کڻي. وزيراعظم شهباز شريف ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر کي يوڪ??ين جي عوام جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي پاڪستان مان موڪليل امدادي سامان کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطي ۽ اعليٰ سطحي دورا وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه کي ڀرپور طريقي سان ملهائڻ گهرجي. ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر چيو ته ڪئناڊا جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ معاشي ۽ سيڙپڪاري جا ??وقعا ڳولڻ جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. هن 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ ڪئناڊا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون ۽ خاص طور تي ڪئناڊا جي شه??ين جي انخلا ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي پاڪستان جي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم ڪئناڊا جي هم منصب جسٽن ٽروڊو کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ان دوري سان پاڪستان ۽ ڪئناڊا جا ??اڳاپا مضبوط ٿيندا.