فيصل آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) حڪومت والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف ۽ والاريل خطي جي اڳوڻي آئيني حيثيت جي بحالي لاءِ عالمي سطح تي آواز اٿاري، آزادي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀائرن سان گڏ ??هي??ن. اهڙن خيالن جو اظهار ايم پي اي علي ??باس خان اي پي پي سان ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي ??ان ڳالهائيندي ڪيو. هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته والاريل ڪشمير تي ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جي حوالي ??ان عالمي سطح تي آواز اٿاري. هن چ??و ته عالمي دنيا کي ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ کي بند ڪرائڻ گهرجي ۽ ڪشمير جي اڳوڻي آئيني حيثيت بحال ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. هن چ??و ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ان کي حاصل ڪري ئي سک جو ساهه کڻنداسين. ڪشمير جي آزادي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميرين ڀائرن سان گڏ ??هي??ن انهن سان گڏ بيٺل ??هي??ن. انهن جي سفارتي، سياسي، سماجي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين.