سيالڪوٽ – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مير عمر فاروق مائر چيو آهي ته ڀارت جي اهڙي ڪنهن به فيصلي کي قبول نه ڪنداسين جيڪو ڪشميرين جي خودمختياري جي حق ۽ انهن جي آز??دي جي خلاف هوندو. هن اها ڳالهه اي پي پي سان ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي. مير عمر فاروق مائر چيو ته پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت ۾ تبديلي کي ڪڏهن به تسليم نه ڪنداسين، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن سان مظلوم ڪشميرين جي بني??دي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي ۽ اسان ڀارت جي اهڙي ڪنهن به فيصلي کي قبول نه ڪنداسين جيڪو ڪشميرين جي خودمختياري جي حق ۽ انهن جي آز??دي جي خلاف هوندو. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي آز??دي حاصل ڪرڻ تائين انهن سا?? گڏ بيٺل آهي.