اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ع??شو??ي جو ڏهاڙو باطل جي اطاعت کان انڪار ۽ حق جي سربلندي لاءِ سينو تاڻي بيهڻ جو ابدي درس آهي، اسلام اڄ انهن ئي قربانين جي ڪري زندهه آهي، ع??شو??ي جو ڏهاڙو حق ۽ باطل جي لازوال معرڪي جي ياد ڏياري ٿو. ع??شو??ي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته حضرت ام??م حسين ر??ه ۽ ان جي خاندان جي عظيم قرباني حق ۽ باطل ۽ ظالم مظلوم جي وچ ۾ هڪ لڪير ڪڍي ڇڏي، عظيم امام هڪ اخلاقي اصول قائم ڪيو جنهن خودمختياري جي حق جي جدوجهد کي متحرڪ ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته حضرت ام??م حسين ر??ه بي آوازن جو آواز ۽ اتحاد، اخوت، اخلاق ۽ سچائي جو علمبردار آهي، انهن جي مزاحمت ۽ بهادري جو پيغام برابري ۽ آزادي جي آفاقي اصولن جي بنياد تي انسانيت کي اخلاقي عالمي نظام جي خواهش جو درس ڏيندو رهندو. وزيراعظم چيو ته جڏهن انسانيت ڪيترن ئي چئلينجن ??ان گذري ٿي ۽ انهن رڪاوٽن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿي جن ۾ اها پاڻ کي ڏسي ٿي، ان کي حضرت ام??م حسين ر??ه ۽ ان جي ساٿين جي مثالي ڪردار ??ان رهنمائي حاصل ڪرڻ گهرجي جيڪو صبر، وفاداري، اتحاد ۽ رواداري جي خوبين وسيلي ورڇ، افراتفري ۽ انتشار جي قوتن کي شڪست ڏئي سگهي ٿي.