اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته فيڪ نيوز جمهوريت جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، پنهنجي ڪوتاهين جي باوجود جمهوريت اڃا به دنيا جو بهترين نظام آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزين ڀارت جو جمهوري چهرو بي ن??اب ڪري ڇڏيو آهي، ??ال??ي پارلياماني يونين موسميا??ي تبديلي بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ??ال??ي گرمي پد جي ڪري موسمياتي بحران کي منهن ڏيندڙ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ ??ال??ي تعاون ۾ اضافي جي لاءِ مدد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي بين الپارلياماني يونين جي صدر دوراتي پشيگو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، اقتصادي معاملن واري ڊويزن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، وزيراعظم جا خاص معاونين طارق فاطمي ۽ رومينه خورشيد ??ال?? پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو ته موسميا??ي تبديلي دنيا کي درپيش سڀ کان مضبوط چئلينجز مان هڪ آهي، موسميا??ي تبديلي اسان جي وقت جي زندهه حقيقت آهي، پاڪستان کي ٻوڏ سان جنهن تباهي کي منهن ڏيڻو پيو آهي اهو موسميا??ي تبديلي جي ڪري آهي. هن ??يو ته معاشي بحران پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) حاصل ڪرڻ جي پاڪستان جي صلاحيت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. هن ??ال??ي برادري کي ??يو ته اها اڳتي وڌي ۽ هن آفت سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪري. وزيراعظم بين الپارلياماني يونين کي ??يو ته هو موسميا??ي تبديلي بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ??ال??ي گرمي پد جي ڪري موسمياتي بحران کي منهن ڏيندڙ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ ??ال??ي تعاون وڌائڻ ۾ مدد ڪري. هن ??يو ته دنيا کي هن خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موسمياتي انصاف جي پيروي ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم ??يو ته پنهنجي ڪوتاهين جي باوجود جمهوريت اڃا به دنيا جو بهترين نظام آهي جيڪو ماڻهن جي امنگن کي پورو ڪرڻ جو هڪ ذريعو آهي. هن فيڪ نيوز کي جمهوريت کي درپيش وڏن چئلينجن مان هڪ قرار ڏنو. وزيراعظم ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي بدترين خلاف ورزين خاص طور تي ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن جو ذڪر ڪيو ۽ ??يو ته بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزين ڀارت جو نام نهاد جمهوري چهرو بي ن??اب ڪري ڇڏيو آهي. بين الپارلياماني يونين جي صدر تازي ٻوڏ دوران قيمتي انساني جانين جي زيان ??ي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ سڄي ملڪ ۾ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ وڏي پئماني تي ن??صان تي پنهنجي ڏک جو اظهار ڪيو. هن موسميا??ي تبديلي جي حوالي سان پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي ۽ ترقي يافته ملڪن تي زور ڏنو ته اهي ڪاربن جي اخراج کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي ??اه??ن. هن پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ تي ايشيا پيسفڪ ريجن جي ٽئين آءِ پي يو ريجنل سيمينار منعقد ڪرڻ تي پاڪستان جي قومي اسيمبلي کي ساراهيو. هن ??يو ته هن تقريب سان ايس ڊي جيز حاصل ڪرڻ جي لاءِ علائقائي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.