آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان فلسطين جي صدر محمود عباس ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ دلچسپ مڪالمو ٿيو ۽ انهن جي جذباتي ڳالهه ٻولهه اسلامي اخوت ۽ ڀائيچاري جو مثال بڻجي وئي. محمود عباس پيار مان وزيراعظم شهباز شريف جا ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ پڪڙي ورتا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب فلسطين جو صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف هڪ ٻئي سان گرموشي سان گلي مليا ۽ انهن جي وچ ۾ دلچسپ مڪالمو ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين جي صدر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ٻوڏ دوران توهان جي مدد تي تمام گ??ڻا ٿورائتا آهيون. محمود عباس چيو ته پاڪستان اسان جو گه?? آهي، پاڪستاني اسان جا ڀائر ۽ ڀينرون آهن، پاڪستاني اسان جي گه?? جا ڀاتي آهن، اسان انهن جي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ائين نه چئو، فلسطين ٻوڏ سٽيلن جي جهڙي طرح مدد ڪئي، وساري نه ٿا سگهون، پاڪستان ڪڏهن به فلسطينين کي وساري نه ٿو سگهي، توهان جي ڪاميابي تائين پاڪستان توهان جي حق لاءِ آواز اٿاريندو ره??دو. فلسطيني صدر محمود عباس چيو ته اسان پاڪستان کي ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهون، هڪ سئو سال کان اسان پاڪستانين کي ڪڏهن ناهي وساريو، مفتي فلسطين پنهنجي لاڏاڻي تائين پاڪستان ۾ ره??و، ان جي سارسنڀال پاڪستان ڪئي، پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ کان اسان پاڪستانين سان گڏ آهيون. وزيراعظم چيو ته فلسطين اسان جي ايمان ۽ يقين جو حصو آهي، فلسطين اسان جي دل ۾ آهي. هن چيو ته اڄ جي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي حمايت ڪندڙ اڳواڻن ۾ توهان شامل آهيو، توهان جي حمايت ۽ جذبي تي دل جي گه??ايئن سان ٿورا مڃان ٿو.