اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل ڏينهن هڪ ڪانفرنس ۾ ادارن جي خلاف بنا ڪنهن جواز نع??يبازي جي مذمت ڪندي چ??و آهي ته اتحادي حڪومت ۽ منهنجي پارٽي آئين موجب هر شهري جي اظهار جي آزادي جي حق کي ??قيني بڻائڻ جي پختي عزم تي قائم آهي، اسان کي عوامي سطح تي وڌيڪ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چ??و آهي ته حڪومت شهرين کي ??اڻ اهڙا فورمز مهيا ڪري ٿي جتي اهي عوامي اهميت جي معاملن تي پنهنجي اختلافي موقف، راءِ ۽ راءِ جي آزادي جو پوري طرح سان اظهار ڪن، اهڙن فورمز جو سياسي مفادن جي لاءِ رياستي ادارن خاص طور تي هٿياربند فوج کي ??شانو بڻائڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ افسوسناڪ آهي. وزيراعظم چيو ته هٿياربند فوج جا آفيسر ۽ جوان اندروني ۽ ٻاهرئين خطرن کان ملڪ کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن. هن اظهار راءِ جي آزادي جي بنيادي حقن کي برقرار رکڻ جي قوم کي خاطري ڪرائيندي آچر ڏينهن رياستي ادارن جي خلاف بنا ڪنهن جواز نع??يبازي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته مون کي افس??س آهي ته ڪجهه شرڪت ڪندڙن پاران ائين ڪيو ويو. هن چيو ته اسان کي عوامي سطح تي وڌيڪ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.