اسلام آباد– 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو آهي ته دهشتگردي بدستور پاڪستان ج?? اهم مسئلن مان هڪ آهي، اسان جي هٿياربند فوج ۽ پوليس بهادري سان ان دهشتگردي جو مقابلو ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هاڻي اسان ڪنهن غلطي کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون، دهشتگردي پاڪستان کي درپيش مسئلن مان هن وقت به هڪ اهم مسئلو آهي، اسان جي هٿياربند فوج ۽ پوليس ان دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو آهي. هن چيو ته لڪي مروت ۾ پوليس جي گاڏي تي دهشتگرد حملي جي مذمت لاءِ لفظ ڪا??ي نه آهن، منهنجون دعائون ڏکويل خاندانن سان گڏ آهن.