اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان جو موسمياتي تبديل??ن جي سببن ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر ان جي باوجود هن ٻوڏ ج??ڙي آفتن جي تباه??ن جي صورت ۾ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، هي هڪ وڏو چئلينج آهي جنهن کي گڏيل ڪوششن ذريعي منهن ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي پاڪستان جي حوالي سان ??نعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته هن وقت دنيا کي موسمياتي تبديل??ن جي ڪري هڪ تمام وڏو چئلينج درپيش آهي جڏهن ته پاڪستان ان کان شديد متاثر آهي. هن چيو ته تازي ٻوڏ ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباهي ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته موسمياتي تبديل??ن جا اثر تمام گهڻا سنگين نوعيت جا آهن. شيري رحمان چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ هجڻ جي ڪري 8 ملين ماڻهو اڃا به متاثر آهن، آبادين ۽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان ??هتو، ٻوڏ کان ??تاثر آبادي جو ڪاٿو ٽن وچولي سائيز جي يورپي ملڪن جي آبادي کان ??ڌيڪ آهي ڇو ته هي صديءَ جي رڪارڊ ٻوڏ هئي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڻ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ ج?? تباه??ن جو مشاهدو ڪيو. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جا ٿورائتا آهيون جنهن ٻوڏ متاثر??ن جي مشڪلاتن کي محسوس ڪندي پاڪستان جي لاءِ عالمي مدد ۽ حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ جنيوا ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني ڪئي. وفاقي وزير چيو ته جنيوا ۾ عالمي برادري پاڪستان جي آواز تي ان جو ڀرپور ساٿ ڏنو جنهن تي اسان ان جا ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديل??ن جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، 27 ۾ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار جي ڪري لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي حوالي سان ڪوششون ڪامياب ٿيون، اسان جي قيادت اهو سڀ هڪ اهڙي وقت ۾ ڪيو جڏهن اسان جي پنهنجي ملڪ ۾ ڪلائميٽ ايمرجنسي هئي ۽ اها ايمرجنسي جي صورتحال اڃا به آهي. شيري رحمان چيو ته اسان جي لاءِ ڳڻتي جومعاملو اهو آهي ته اهڙي صورتحال اڳتي به پيدا ٿي سگهي ??ي، ان ??اءِ اسان ??تاثر علائقن ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير سان گڏوگڏ مسومياتي تبديلين سان ??وافقت پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ کي ڪلائميٽ ريزيليئنٽ بڻائڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ان اسلسلي ۾ قابل تجديد توانائي جي ذريعن کي فروغ ڏيڻ سميت مختلف قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته ان ??قصد جي لاءِ عالمي تعاون سان گڏيل ڪوششون ئي ڪارائتيون ثابت ٿي سگهن ٿيون.