اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي ??اء?? ڪمشنر ليزلي اسڪينلون ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏي??ي وزارت اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏي??ي وزير چيو ته پاڪستان ڪئناڊا ??ان سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ملاقات ۾ هن پاڪستان مان افرادي قوت ڪئناڊا کي فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پڻ اميد جو اظهار ڪيو.