اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پهريون سربراهه آهي جنهن جي بيان جي ترديد ان جي پنهنجي پارٽي جو آفيشل اڪائونٽ ڪري رهيو آهي ”جيڪو عمران خان چيو، اهو عمران خان نه چيو“، عوام جي ذهنن سان وڌيڪ نه کيڏو، قوم جي سامهون ڪوڙ نه ڳالهايو، انهي لاءِ فراڊيي کي ڪارو ڪنستر منهن تي چاڙهڻو پوي ٿو، ڏوهاري آهيو ??وهاري ئي رهندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته توهان سماج، اخلاق، سياست، معيشت تباهه ڪئي، ذهنن ۾ زهر وڌو، دلين ۾ نفرت ڀري، سياست کي گندو، ملڪ کي مفلوج ڪيو، عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان باجوه جي چوڻ تي اسيمبليون ڇو ٽوڙيون؟ اقتدار جي خاطر پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي عوام جي توهين، نمائندن جي تضحيڪ ڪئي، انهن جون چونڊيل اسيمبليون تحليل ڪيون. هن چيو ته توهان عدليه کي گاريون ڏنيون، چيف جسٽس جي تصوير جي تذليل ڪئي، ڌمڪي سان ضمانت جو ريليف پئڪيج وٺو، چيف جسٽس جيڪڏهن آئين جي دستڪ نه پر سَس جي ڊپ، ٻا??ن ۽ گهروارين جي مشوري سان تنهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو ته اهو هاڻي ??سا?? ٿيڻ نه ڏينداسين. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته آئين سان کلواڙ ڪندڙن کي نه قوم بخشيندي ۽ نه ??سا?? ڇڏينداسين، ڇا سَس آهي! ناٺي جي پوسٽرز تي جوتا هڻندڙن جي ترجمان بڻجي وئي. هن چيو ته آئين ۽ عدل جڏهن فارن ايجنٽ، ناٺي، گهروارين، ٻا??ن، سَس جي مشوري جي ور چڙهي وڃي ته ملڪ کي عمران جهڙو فتنو، چور، ڪوڙو، مهانگائي ۽ بيروزگاري ڀوڳڻي پوي ٿي. هاڻ?? اليڪشن باجوه ۽ سَس جي چوڻ تي نه پنهنجي وقت ٿينديون.