اسلام آباد- 17 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جي حوا??ي سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ لاءِ وزيراعظم هائوس ۾ تقريب منعقد ٿي. وزيراعظم شهباز شريف پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستان طر??ان گهرو وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله خان جڏهن ته سعودي عرب طر??ان سعودي نائب دفاع وارو وزير ڊ??ڪٽر ناصر بن عبدالعزيز مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون. معاهدو حج پانڌيئڙن جي اميگريشن جي عمل کي آسان ۽ هموار ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو. مذهبي معامل?? وارو وفاقي وزير سينيٽر طلحه محمود، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير شاهه زين بگٽي ۽ گهرو معامل?? وارو مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو ۽ ٻيا عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.