ا??لا?? آباد- 16 جون (اي پي پي) ملڪ ??ي مختلف علائقن ۾ طوفان، مٽيءَ واريون هوائون، گجگوڙ سان برس??ت ۽ ڪجهه علائقن تي برفباري ۽ تيز برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته سامونڊي طوفان جي اثر هيٺ ڏکڻ اوڀر سنڌ ۾ شديد طوفان سان گڏ برسات پوڻ جا اطلاع آهن. موسميات کاتي مطابق (اڄ) ڇنڇر تي ڏکڻ اوڀر سنڌ، مشرقي بلوچستان جو مٿيون علائقو، مشرقي پنجاب، پوٺوهار خطي، ڪشمير ۽ ڪي پي ڪي ۾ طوفان، مٽيءَ واريون هوائون ۽ گجگوڙ سان برس??ت ۽ ڪجهه هنڌ تي برفباري ۽ تيز برساتن جو امڪان آهي. ڏکڻ اوڀر سنڌ ۾ شديد طوفان گجگوڙ سان برسات جڏهن ته ڪجهه ميداني ضلعن ۾ طوفاني هوائون هلڻ جو امڪان آهي. گذر??ل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب ??ي مٿاهين علائقي ا??لا?? آباد، ڪي پي ڪي، ڪشمير، سنڌ ۽ اتر بلوچستان ۾ گجگوڙ سان برسات ٿي آهي.