اسلام آباد -15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪستان جمهوريت جي ستين سالگره ۽ قومي اتحاد جي ڏينهن ??ي ياد ۾ ترڪيه جي برادر عوام ۽ حڪومت س??ن گڏ آهي. ترڪيه ۾ جمهوريت جي ستين سالگره ۽ قومي اتحاد جي ڏينهن ??ي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄوڪي ڏينهن ??هادر ترڪ عوام جي عظيم قربانين کي ياد ڪندي اسان انهن ??هيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا جن جمهوريت ۽ بنيادي حقن کان محروم ڪرڻ جي گندي ڪوشش جو بهادري سان مقابلو ڪيو. وزيراعظم چيو ته 2016ع جو هي تاريخي عهد وارو ڏينهن منهنجي ڀاءُ رجب طيب اردگان جي فعال ۽ متحرڪ قيادت تي غير متزلزل يقين ۽ گهري اعتماد جي به عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته ان ڏينهن ??و اهم نقطو اهو آهي ته گڏيل اتحاد?? ڀائيچاري ۽ گهرن رشتن جي طاقت س??ن ڪنهن ??ه چئلينج تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.