اسلام آباد – 20 – سيپٽ??بر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جمعي 22 سيپٽ??بر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو. ترجم??ن پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران وزيراعظم جنرل اسيمبلي کي پ??هن??ي خطاب ۾ گڏيل قومن جي ايجنڊا تي موجود پراڻي حل طلب تڪرار ڄمون ۽ ڪشمير سميت ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف بيان ڪندو. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم پاڪستان جي معاشي بحالي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن ۽ ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوششن ک??ن پُڻ آگاهه ڪندو. هن چيو ته نگران وزيراعظم اڄ ڪلائميٽ ايمبيشن سمٽ 2023ع ۽ ترقي جي لاءِ فنانسنگ ??ي اعليٰ سطحي ڊائيلاگ ۾ شرڪت ڪندو.