اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ري??يو پاڪستان ۾ ڏهاڙي اجرت تي ڀرتين، پاڪستان سيڪيورٽي پرنٽنگ ڪارپوريشن پرائيويٽ لميٽيڊ کي پي بي سي جي زمين ليز تي ڏيڻ، اشتهارن جي ورڇ جي طريقيڪار، درجابندي، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي معيار، پريس ڪائونسل آف پاڪستان (پي سي پي) ۽ نيشنل پريس ٽرسٽ (اين پي ٽي) جي ڪردار تي غور ڪيو ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر فوزيه ارشد جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وزارت جي دائره اختيار ۾ ايندڙ ڪيترن ئي معاملن تي جامع بحث ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي پي بي سي ۾ ڏهاڙي اجرت تي ڀرتي ٿيندڙ 53 نئين ملازمن جي چونڊ جي عمل جي حوالي سان پڇاڻو ??يو. ڊي جي پي بي سي ڪميٽي کي پي بي سي جي آءِ ٽي سيڪشن ۾ افرادي قوت جي شديد کوٽ بابت آگاهه ??يو. ڪميٽي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري کي چيو ته هو انهن 53 ڪيسز جي جاچ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي. اطلاعات واري سيڪريٽري انهن ڪيسز جو جائزو وٺڻ ۽ ڪميٽي کي رپورٽ پيش ڪ??ڻ جي خاطري ڪرائي. ان کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري 6 سيپٽمبر 2023ع تي ڪميٽي جي گذر??ل اجلاس دوران اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ذيلي اداري پاڪستان سيڪيورٽي پرنٽنگ ڪارپوريشن پرائيويٽ لميٽيڊ کي پي بي سي جي زمين ليز تي ڏيڻ جي حوالي سان ڏنل سفارشن تي تعميل جي رپورٽ فراهم ڪئي. ڪميٽي ان معاملي جي حل ٿيڻ تائين وزارت تي زور ڏنو ته ڪميٽي جي هر اجلاس ۾ باقاعده اپ ڊيٽ فراهم ڪئي وڃي. اسٽينڊنگ ڪميٽي کي اشتهارن جي ورڇ جي طريقيڪار، درجابندي ۽ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي معيار بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي. ڪميٽي فيصلو ڪيو ته ايندڙ اجلاس ۾ ان معاملي تي ٻيهر غور ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ پي آئي ڊي عملدارن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت جا 450 ادارا پي آئي ڊي جي ذريعي اشتهار جاري ڪن ٿا ۽ مخصوص ٽي وي چينلز جي ناظرين جو اندازو هڻي اگهه طئي ڪيا وڃن ٿا. چيئرمين اشتهارن جي ورڇ جي لاءِ شفاف طريقيڪار قائم ڪرڻ ۽ ان عمل جي نگراني جي لاءِ غيرجانبدار بورڊ جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي جنهن سان اشتهارن جي غيرجانبدراڻي ورڇ کي يقيني بڻائي سگهجي. ڪميٽي پريس ڪائونسل آف پاڪستان (پي سي پي) ۽ نيشنل پريس ٽرسٽ (اين پي ٽي) جي ڪردار ۽ ڪم بابت پڻ پڇاڻو ??يو. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته پي سي پي وٽ هن وقت چيئرپرسن موجود نه آهي جنهن جي ڪري ڪائونسل غيرموثر آهي. پي سي پي جي چيئرپرسن جي مقرري جي تجويز صدر کي پيش ڪئي وئي آهي. ڪميٽي پي سي پي کي موثر بڻائڻ جي لاءِ نئين ايڪٽ يا ترميمن جي ضرورت تي زور ڏنو. سينيٽر عرفان صد??قي نيشنل پريس ٽرسٽ جي غيرفعال ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ايندڙ اجلاس ۾ ان جي ڍانچي، ڪردار ۽ فعاليت بابت تفصيلي بريفنگ جي درخواست ڪئي. نيشنل پريس ٽرسٽ جي وقتي چيئرمين ٻڌايو ته نيشنل پريس ٽرسٽ 2019ع کان بنا چيئرمين جي ڪم ڪري رهيو آهي، 9 پراپرٽيز جي سارسنڀال ڪري رهيو آهي، ان جا اٽڪل 23 ملازم اسلام آباد، ڪراچي، لاهور ۽ ملتان ۾ مقرر آهن. اهڙي طرح پيمرا جي چيئرمين پيمرا جي پاليسي ۽ معاشري جي لاءِ نقصانڪار مواد جي حوصلا شڪني ۾ پيمرا جي ڪردار بابت ڪميٽي کي آگاهه ??يو. هن واضح ڪيو ته پيمرا وٽ پري سينسرشپ پاليسي نه آهي، هن ڊرامي جي مواد جي نگراني ڪندڙ بنيادي باڊي ”ڪائونسل آف ڪمپلينٽس“ جي غيرفعالي کي اجاگر ??يو. سينيٽر عرفان صد??قي ڪائونسل آف ڪمپلينٽس کي فعال بڻائڻ ۽ پيمرا جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ جي لاءِ لاڳاپيل شعبن مان ناليوارن ماڻهن کي مقرر ڪ??ڻ جي سفارش ڪئي. ڪميٽي ڊرامي جي مواد جي موثر طر??قي سان نگراني ڪ??ڻ جي لاءِ شڪايت ڪائونسل کي بحال ڪ??ڻ جي اهميت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ سينيٽر وقار مهدي، عرفان صد??قي ۽ لال دين شرڪت ڪئي جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري ظهور احمد کانسواءِ پيمرا چيئرمين، ڊي جي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۽ ڊي جي پي آئي ڊي سميت ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ اجلاس ۾ موجود هئا.