اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بنگلاديش سان معيشت، ثقافت ۽ واپار جي شعبن ۾ تعاون ??ڌا??ڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ??ڌا??ڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. اي??ان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بنگلاديش ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر سيد احمد معروف سان ڳالهائيندي ??يو جنهن اي??ان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته بنگلاديش ۾ نامزد هاءِ ڪمشنر ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر چيو ته معيشت، ثقافت ۽ واپار جي شعبن ۾ بنگلاديش سان تعاون ??ڌا??ڻ جي ضرورت آهي، ٻئي ملڪ گڏيل مذهب ۽ تاريخ رکندڙ آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطا ??ڌا??ڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سيد احمد معروف کي بنگلاديش ۾ بطور پاڪستاني هاءِ ڪمشنر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نامزد هاءِ ڪمشنر جي لاءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.